رئيس نبي بخش خان گبول

رئيس نبي بخش خان گبول: رئيس حاجي نبي بخش خان ولد گهرام خان گبول جو واسطو گلشن معمار ڪراچيءَ سان هو. هو ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد جي وفات بعد روزگار لاءِ جهنگ مان ڪاٺيون ڪري ۽ ڏندڻ ٺاهي وڪڻندو هو. غريبيءَ جي حالت ۾ فائنل جا ست درجا پاس ڪرڻ کانپوءِ چوپائي مال جو واپار شروع ڪيائين ۽ ايمانداريءَ سبب ڪراچيءَ ۾ مال جو وڏو واپاري بنجي ويو. هن فوج کي گوشت ۽ ڀاڄيون فراهم ڪرڻ کان سواءِ هل پارڪ، سفاري پارڪ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ٽول پلازه جا ٺيڪا کنيا. هن ڀرپور محنت ۽ سچائيءَ سان جدوجهد جاري رکي. ميرپورخاص، بدين، حيدرآباد، دادو، ملير (ڪراچيءَ) ۾ زمينون خريد ڪيون ۽ سنڌ جي اهم زميندارن ۾ ليکجڻ لڳو. هن جي اهم سڃاڻپ انبن، چِيڪن، ڪيلن، صوفي ٻيرن ۽ ڄمن جا باغ هئا. کيس ست پٽ: عيد محمد، محمد صادق، غلام رسول، علي محمد، ولي محمد، غلام محمد ۽ محمد اسحاق آهن.
سندس رهائشگاهه ’گبول مينشن‘ گلشن معمار ۾ چئن ايڪڙن تي هئي. هو ڪراچيءَ ۾ گبول، بروهي، برفت، جوکيا، پالاري، لاشاري، مري ۽ بگٽي برادرين جو رئيس بڻجي ويو.
رئيس نبي بخش سنڌين بلوچن، سرائڪي ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ امن ۽ ڀائيچاريءَ لاءِ به ڪيتريون ڪامياب ڪوششون ڪيون. رئيس نبي بخش گبول 1994ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو